نوازليگي اڳواڻن انوشه رحمان، مريم اورنگزيب ۽ طلال چوڌري چيو آهي ته عمران خان بُري طرح پاناما معاملو هارائي ويو آهي

maryan oranzb anoshy or talal

نوازليگي اڳواڻن انوشه رحمان، مريم اورنگزيب ۽ طلال چوڌري چيو آهي ته عمران خان بُري طرح پاناما معاملو هارائي ويو آهي.

اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان پاناما ليڪس ۾ ڪجهه به ثابت نه ڪري سگهيو آهي.

انوشه رحمان چيو ته عمران خان چاهي ٿو نوازشريف کي نااهل قرار ڏنو وڃي، شريف ڪٽنب جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بابت دليل ئي نه ڏنا ويا.

مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان کي مبارڪ هجي، اڄ هڪ وڌيڪ افتتاح ٿيو آهي، اهي افتتاح ايندڙ ڏيڍ سال تائين ٿيندا رهندا.

هن چيو ته وزيراعظم چيو هو ته هر فورم تي ثبوت پيش ڪندس، عمران خان جيڪو ڪوڙ ڳالهايو، ان جو حساب ڪير ڏيندو؟

مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ڪنٽينر تي به عدالت لڳائي ڇڏيندو آهي، پي ٽي آءِ وڪيل گذريل ڏينهن دٻيل لفظن ۾ چيو ته ڪيس هارائي ويس.

هن چيو ته نعيم بخاري جلد کان جلد پي ٽي آءِ کان فيس وصول ڪري ڇڏي، فيصلو اچڻ تي عمران خان پنهنجي ڳالهه تان ڦري ويندو آهي.

طلال چوڌري چيو ته عمران خان هر ڳالهه جي آخر ۾ چوندو آهي سياسي بيان ڏنو هو، نوازشريف عوامي عدالت ۾ کٽيو، هاڻ آئيني عدالت ۾ به سرخرو ٿيندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*