ٽيڪسلا جي صدر ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي دشمني تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زال مڙس ۽ سندن چار ملازم مارجي ويا، هڪ عورت زخمي ٿي پئي

Rawalpindi-map-05-8

ٽيڪسلا جي صدر ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي دشمني تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زال مڙس ۽ سندن چار ملازم مارجي ويا، هڪ عورت زخمي ٿي پئي.

رپورٽس موجب ٽيڪسلا جي علائقي واهه ڪينٽ ۾ هڪ همراهه گهر اندر گهري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ زال مڙس سميت 6 ڄڻا مارجي ويا.

حملي ۾ هڪ عورت زخمي به ٿي، جنهن کي طبي امداد لاءِ تعلقه اسپتال واهه ڪينٽ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڪلثوم پوليس کي ٻڌايو ته فائرنگ ڪندڙ جوابدار سندس مقتول مالڪياڻي فوزيه جو ڀاڻيجو فهد هو، گهر جا ٻيا ڀاتي شادي ۾ شرڪت لاءِ ميان چنو ويل هئا.

رپورٽس موجب جوابدار گهر جي چئن ملازمن کي رڳو ان ڪري قتل ڪيو جو اهي اکين ڏٺا شاهد هئا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*