وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پيٽرول بحران بابت ٻيهر اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

پنجاب ۾ 8 ڏينهن تائين جاري رهندڙ تاريخي پيٽرول بحران کانپوءِ صورتحال معمول تي اچي وئي آهي پر ذميوارن جو تعين ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پيٽرول بحران بابت اڄ اعليٰ سطحي اجلاس ٿي رهيو آهي.

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ،  پيٽرول بحران بابت ٻيهر اجلاس  اڄ ٿيندو، جنهن ۾ ايندڙ 12 مهينن لاءِ پيٽرول جي طلب ۽ رسد جو جائزو ورتو ويندو.

اجلاس ۾ ناڻي، پيٽروليم، پاڻي ۽ بجليءَ وارا وزير ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيندا، اجلاس کي پيٽرول بحران بابت بريفنگ ڏني ويندي.

هوڏانهن پنجاب ۾ 8 ڏينهن تائين تاريخي پيٽرول بحران کانپوءِ اڄ صورتحال معمول تي اچي وئي آهي ۽ هاڻي صارفين کي ڊگهين قطارن ۾ بيهڻ بدران معمول مطابق پيٽرول ملي رهيو آهي.

پيٽروليم شين جي تازي صورتحال تي پيٽروليم وزارت وزيراعظم کي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ مطابق سڄي ملڪ ۾ پيٽرول جي سپلاءِ مانيٽر ڪرڻ لاءِ پيٽروليم وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري سيد توقير شاهه جي سربراهيءَ ۾ ايمرجنسي سيل قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو.

پيٽروليم واري وزارت جي ترجمان موجب پيٽرول سپلاءِ وڌڻ سان صورتحال بهتر ٿي وئي آهي، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي روزانو ساڍا 15 هزار ميٽرڪ ٽن پيٽرول سپلاءِ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير جي معائني واري ٽيم طرفان وڏي وزير کي هڪ رپورٽ اماڻي وئي آهي، جنهن ۾ بحران جو ذميوار پنجاب جي محنت واري وزارت کي قرار ڏنو ويو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽن مهينن ۾ 270 ٽيمون بڻائڻ باوجود محنت واري وزارت پيٽرول جي ذخيره اندوزن ۽ بليڪ تي تيل وڪرو ڪندڙن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*