لاهور ويجهو مسافر ڪوچ ٽائر ڦاٽڻ سبب وين سان ٽڪرائجي ويو 5 ڄڻا فوت 20 زخمي

لاهور ويجهو مسافر ڪوچ  ٽائر ڦاٽڻ سبب وين سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا، زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

لاهور کان مذهبي اجتماع ۾ رائيونڊ ويندڙ بس جو فيض پور انٽرچينج  وٽ سامهون ايندڙ وين سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ 20 زخمي ٿي پيا.

پوليس ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي جناح ۽ ميو اسپتالن ڏانهن پهچايو، جتي ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ريسڪيو ذريعن موجب مسافر بس جو ٽائر ڦاٽڻ سبب حادثو پيش آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*