عمران خان ۽ سندس گهرواري ريحام خان عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، گهرواري ريحام خان سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته عمران خان اڄ مدينه منوره ۾ رسول ڪريم صلي الله عليهه وآله وسلم جي روضي مبارڪ تي حاضري پڻ ڀريندو.

عمران خان گذريل ڏينهن پنهنجي گهرواري ريحام سان گڏ مڪه مڪرمه پهتو، جتي هنن عمري جي سعادت حاصل ڪئي.

عمران خان اڱاري جي رات پاڪستان کان جده پهتل هو ، جتي هن ڪجهه ڪاروباري ماڻهن سان ملاقات پڻ ڪئي هئي.

ذريعن موجب عمران خان ڪاروباري ماڻهن سان ملاقات بعد کائنن شوڪت خانم اسپتال پشاور لاءِ عطيو پڻ ورتو.

ذريعن موجب عمران خان اڄ مدينه منوره ۾ رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي روضي مبارڪ تي حاضري ڀريندو، جنهن بعد هو جده ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*