قمبر پوليس هٿياربندن پاران اغوا ڪيل ڳوٺاڻي کي مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

قمبر پوليس هٿياربندن پاران اغوا ڪيل ڳوٺاڻي کي مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

  بهرام ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀرمي مان هٿياربند گذريل رات الله ڏتو سومرو کي اغوا ڪري ويا هئا.

پوليس  موجب ڳوٺاڻن  جي مدد سان هٿياربندن جا پيرا کنيا ويا، جنهن دوران ڳوٺ موسيٰ ڪارزوئي وٽ مقابلو ٿي پيو.

پوليس جو  چوڻ آهي ته مقابلي دوران هٿياربند مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*