سنڌ ۽ پنجاب جي اڪثرشهرن ۾ برسات کان پوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي

برسات، ٿڌي هوائن ۽ برفباري کانپوءِ سڄي ملڪ ۾  ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي، پنجاب، خيبرپختونخواهه، اتر وزيرستان، بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ برسات ۽ پهاڙي علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي.

سياري جي آخري ڏينهن ۾ سيءُ انتهائي زور وٺي ويو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه ۽ اتر بلوچستان ۾ برفباري جو نئون سلسلو شرووع ٿيڻ بعد موسم وڌيڪ سرد ٿي وئي آهي.

پنجاب ۽ سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ به برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

موسميات کاتي، اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه، اتر بلوچستان، ڪشمير  گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ پهاڙن تي برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ اسلام آباد، راولپنڊي، گوجرانوالا، سرگودا، لاهور، فيصل آباد، ساهيوال ڊويزن، خيبرپختونخواهه جي علائقن مالا ڪنڊ، پشاور، ڪوهاٽ، مرادن ڊويزن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ اڪثر هنڌن تي به ڪٿي ڪٿي ۽ پهاڙن تي برسات  پوندي.

اربع کانپوءِ قبائلي علائقي پارا چنار ۾ ڪاٽو 19 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*