فرانسيسي رسالي پاران گستاخي خاڪا ٻيهر شايع ڪرڻ خلاف ڪراچي ۾ مذهبي جماعتن پاران احتجاج ڪيو پيو وڃي

فرانسيسي رسالي پاران گستاخي خاڪا ٻيهر شايع ڪرڻ خلاف ڪراچي ۾ مذهبي جماعتن پاران احتجاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪنهن اڻوندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ ريڊ زورن  جي سڪيورٽي وڌائي وئي آهي.

گستاخي خاڪا ٻيهر شايع ڪرڻ خلاف جماعت اسلامي پاران ريلي ڪڍي پئي وڃي، جنهن سبب ايم اي جناح ۽ تبت سيٽر ڏانهن ويندڙ رستا ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا آهن.

سني تحريڪ جي سڏ  تي ڪارڪنن پاران تبت سينٽر تان ريلي ڪڍي فرانسيسي صدر خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي پئي وڃي.

سنڌ حڪومت ڪنهن اڻوندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ وزير اعليٰ، گورنر  هائوس ۽ فرانس جي خونصل خاني جي سڪيورٽي وڌائي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*