ڏکڻ ڪوريا جي صدر پارڪ گن هاءِ جي دوست چوئي سون ســِل کي صدر جي مواخذي واري ٽرائل جي سلسلي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، صدر پارڪ تي الزام آهي

south koria

ڏکڻ ڪوريا جي صدر پارڪ گن هاءِ جي دوست چوئي سون ســِل کي صدر جي مواخذي واري ٽرائل جي سلسلي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، صدر پارڪ تي الزام آهي ته هو پنهنجي دوست جي ذريعي ڪرپشن ۾ ملوث رهي آهي.

چوئي سون ســِل کي دوکي ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال وارن الزامن هيٺ پوليس قيدين واري بس آڻڻ بعد سيئول ۾ جي آئيني عدالت ۾ شاهد طور پيش ڪيو ويو.

صدر پارڪ گين هاءِ تي الزام آهي ته هن پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي ڪرپشن ڪئي ۽ سندس اهم دوست چوئي سون ســِل ماڻهن تي دٻاءُ وجهي ڪرپشن ڪندي هئي.

صدر تي ڪرپشن جي الزامن کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو هو، جنهن بعد پارليامينٽ سندس مواخذي جي منظوري ڏني ۽ 9 ڊسمبر کان سندس اختيار معطل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*