دنيا جي شاهوڪار 8 ماڻهن وٽ ايتري دولت آهي جيتري ڌرتي تي رهندڙ اڌ غربت سٽيل آبادي وٽ آهي

davos

دنيا جي شاهوڪار 8 ماڻهن وٽ ايتري دولت آهي جيتري ڌرتي تي رهندڙ اڌ غربت سٽيل آبادي وٽ آهي: ڊيووس اڪانامڪ فورم شروع ٿيڻ کان اڳ آڪسفيم “اين اڪانامي فار دا نائينٽي نائين پرسنٽ” رپورٽ جاري ڪندي چيو  آهي ته اقتصادي اڻبرابري سبب غربت ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

آڪسفيم جي ڊائريڪٽر ڪمپين اينڊ پاليسي ميٿيو اسپينسر جو چوڻ هو ته اسان وٽ جو معاشي نظام آي هو هڪ سيڪڙو نفعي وارو آهي، جنهن مان مراد اها ته اهو نظام رڳو هڪ سيڪڙو ماڻهن کي ئي فائدو پهچائي ٿو باقي 99 سيڪڙو ماڻهو بي لاڀ رهن ٿا.

آڪسفيم جو چوڻ هو ته  اقتصادي اڻبرابري ۽ گلوبلائيزيشن جا فائده نه ملڻ، برطانيه جي يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي امريڪي صدر چونڊجڻ سان  2016ع ۾ سياسي بحرانن کي هٿي ملي.

ميٿيو اسپينسر جو چوڻ هو ته اسان جي سياسي نظام ۾ اڻبراري ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي، جنهنڪري ملڪي ترقي ۾ عوام جي شموليت گهٽجڻ سان گڏ اسٽيٽس ڪو سبب عدم اطمينان پيدا ٿي رهيو آهي.

پنهنجي رپورٽ ۾ آڪسفيم ڊيووس ۾ گڏ ٿيل عالمي اڳواڻن کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽيڪس نه ڀرڻ واري لاڙي کي حل ڪرڻ سان گڏ انسان دوست اقتصادي پاليسي کي هٿي وٺرائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*