فلپائني صدر روڊريگو ڊيوٽريٽي چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ مان منشيات جي لعنت ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ مارشل لا لڳائيندو

philphines

فلپائني صدر روڊريگو ڊيوٽريٽي چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ مان منشيات جي لعنت ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ مارشل لا لڳائيندو، ڇاڪاڻ ته هو فلپائني عوام ۽ نوجوانن کي بچائڻ چاهي ٿو.

ڊاوائو شهر ۾ چيمبر آف ڪامرس کي خطاب ڪندي فلپائني صدر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ملڪ کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ لاءِ کيس مارشل لا لڳائڻي پئي ته هو ان کان نه ڪيٻائيندو ۽ ڪوبه کيس روڪي نٿو سگهي.

هن چيو ته جيڪڏهن کانئس اهو سوال پڇيو ويو ته مارشل لا ڇو لڳايو ٿا ته انهن لاءِ جواب اهو آهي ته آئون پنهنجي فلپائني عوام ۽ نوجوانن کي بچائڻ ڍاهيان ٿو.

فلپائن جي صدر روڊرگو ڊيوٽريٽي گذريل سال جي وچ ڌاري اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ منشيات خلاف جنگ شروع ڪئي هئي، بي رحم آپريشن دوران 6 هزار ماڻهو مارجي چڪا آهن، جڏهن ته 10 لک کان وڌيڪ منشيات واپرائيندڙ يا ته پاڻ پيش پيا آهن يا انهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

گذريل مهيني فلپائني صدر ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ واري ڪنهن به امڪان کي احمقاڻو خيال ڪوٺيندي رد ڪري ڇڏيو هو پر هاڻي هو پاڻ ان امڪان جو اظهار ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*