خيرپور ناٿن شاهه لڳ انڊس هاءِ وي تي روڊ حادثي جي نتيجي ۾ پيءَ ۽ پٽ فوت ٿي ويا

khairpur-map10-8

خيرپور ناٿن شاهه لڳ انڊس هاءِ وي تي روڊ حادثي  جي نتيجي ۾ پيءَ ۽  پٽ فوت ٿي ويا، واقعي واري هنڌ تان ڊرائيور فرار ٿي ويو، پوليس ڪوچ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

کونهارا پيٽرول پمپ لڳ انڊس هاءِ وي تي لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار ڪوچ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتجي ۾ ڳوٺ بهادرپور واسي پيءَ پٽ احمد علي ۽ محمد علي ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

پوليس فوتين جا لاش خيرپور ناٿن شاهه اسپتال منتقل ڪيا، جيڪي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

حادثي کانپوءِ ڪوچ جو ڊرائيور فرار ٿي ويو،  پوليس حادثي واري جاءِ تي پهچي ڪوچ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٻنهي ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪوچ جي ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*