عمر ڪوٽ لڳ زمين جي مالڪيءَ تان راهمون برادي جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو

umerkot jhero

عمر ڪوٽ لڳ زمين جي مالڪيءَ تان راهمون برادي جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.

ڳوٺ ٻيراڻي ۾ زمين جي مالڪيءَ تان راهمون برادري جي ٻن ڌرين جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 60 سالن جو جان محمد پٽ نصر الله لٺيون لڳڻ ڪري مارجي ويو، جڏهن ته بلاول راهمون زخمي ٿي پيو آهي.

اطلاع تي مقامي پوليس مقتول  جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منقل ڪيو، جڏهن ته فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ زمين جي مالڪيءَ تان جهيڙو ٿيو، اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ڪرايو ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*