سنڌ ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو هجڻ باوجود حيدرآباد سول اسپتال مريضن لاءِ بي لاڀ بڻيل، اسپتال ۾ وڌيڪ هڪ ٻارڙيَ جي فوت ٿيڻ بعد ٽن ڏينهن دوران فوت ٿيل مريضن جو انگ چار ٿي ويو آهي

hyd

سنڌ ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو هجڻ باوجود  حيدرآباد سول اسپتال مريضن لاءِ بي لاڀ بڻيل، اسپتال ۾ وڌيڪ هڪ ٻارڙيَ جي فوت ٿيڻ بعد ٽن ڏينهن دوران فوت ٿيل مريضن جو انگ چار ٿي ويو آهي، ٻارڙي جي وارثن ڊاڪٽرز خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

حيدرآباد سول اسپتال ۾ ڦليلي واسڻ ناري سمعيه جو داخل ٻارڙو فوت ٿي ويو.

ٻارڙي جي وارثن ڊاڪٽرز تي غفلت جو الزام هڻندي ٻارڙي جي لاش سميت اسپتال جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته وڏي وزير پاران سنڌ ۾ هليٿ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ باوجود اسپتال انتظاميه مريضن کي جانورن جيتري اهميت به نه پئي ڏئي.

ٻارڙي جي وارثن لاپرواهي ڪندڙ ڊاڪٽرز خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

واضح رهي ته ٻارڙي جي فوت ٿيڻ بعد حيدرآباد سول اسپتال ۾ ٽن ڏينهن دوران فوت ٿيل مريضن جو انگ چار ٿي ويو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*