صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي 2017 ۾ اهم فيصلا ٿيڻا آهن،هن سال کي هميشه ياد رکيو ويندو

manzoor wasan or mola bux

صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي 2017 ۾ اهم فيصلا ٿيڻا آهن،هن سال کي هميشه ياد رکيو ويندو،  مولا بخش چانڊئي جو چوڻ آهي اسان چاهيون  ٿا ته آدمشماري دوران اردو ڳالهائيندڙ به آپاڻ کي سنڌي لکرائين، پر جيڪڏهن ڪو ڌار ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ ثقافت رکندڙ آهي ته ڌار خاني ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته آدمشماري فارم ۾ سموريون ٻوليون شامل ڪيون ويون پر گجراتي، بوهري ۽ پارسي  کي شامل ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته آدمشماري فارم ۾ قائد اعظم جي گجراتي ٻولي کي شامل نه ڪرڻ تي افسوس ٿيو آهي.

منظور وساڻ چيو ته

ملڪي سياسي صورتحال بابت سوال جي جواب ۾ منظور وساڻ چيو ته هلندڙ سال دوران اهم فيصلا ٿيندا ۽ هن سال کي هميشه ياد رکيو ويندو.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي مولا بخش چانڊئي چيو ته آدمشماري بابت وڏو دٻاءُ آهي ۽ هي اهم مسئلو به آهي.

هن چيو ته منظور وساڻ بادشاهه ماڻهو آهي جيڪو ڪڏهن ڪهڙي ته ڪڏهن ڪهڙي ڳالهه ڪندو آهي.

مولا بخش چانڊئي چيو ته سندن خواهش آهي ته اردو ڳالهائيندڙ به آدمشماري واري فارم ۾ پاڻ کي سنڌي لکرائين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*