ڪرڪ ۽ قلات ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا ڪيترائي زخمي

خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڪرڪ ۾ ٻن مسافر وينز ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته بلوچستان جي شهر قلات ويجهو به روڊ حادثي ۾ 3 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا.

ڪرڪ جي علائقي بانڊا شاهه دائود ۾ پشاور کان ميران شاهه ويندڙ وين جو سامهون ايندڙ وين سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب، حادثي بعد ٻئي مسافر وينز کاهي ۾ ڪري پيون، حادثي واري هنڌ امدادي ڪارروايون جاري آهن.

هوڏانهن بلوچستان جي شهر قلات ۾ به ٻن وينز ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 5 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

زخمين کي فوري طور تي قلات اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*