پيپلزپارٽي پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته پنجاب ۾ سٺي حڪمراني جي پت وائکي ٿي رهي آهي

qamar-all-zama08-9

پيپلزپارٽي پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته پنجاب ۾ سٺي حڪمراني جي پت وائکي ٿي رهي آهي، صوبي جي مخصوص علائقن ۾ ميٽرو بس ۽ ٽرين هلائڻ کي ترقي نه چئبو آهي، حڪمران پاناما ڪيس تي اپوزيشن جو بل منظور ڪرائين.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قمرزمان ڪائره چيو آهي ته ڪمزور تحريڪن سان حڪومتون مضبوط ٿينديون آهن پر پيپيلزپارٽي جي تحريڪ حڪمرانن کي سندن مطالبا مڃڻا ئي پوندا.

قمر زمان ڪائره چيو آهي ته مخصوص علائقن ۾ ميٽرو بس يا ٽرين هلائڻ سان ترقي نه ٿيندي آهي، پنجاب ۾ گڊ گورننس جي پت وائکي ٿي رهي آهي ۽ صوبي ۾ صحت ۽ تعليم جي حالت سڀني جي سامهون آهي.

هن چيو ته پيپلزپارٽي سدائين ظلم خلاف تحريڪون هلايون آهن، حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ۽ پاناما جي جاچ لاءِ اپوزيشن جو بل منظور ڪرائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*