سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف توهين عدالت ڪيس اڪلائي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف توهين عدالت ڪيس اڪلائي ڇڏيو آهي، جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ۾ چيو آهي ته سوئيس اختيارين کي ٻيو خط لکڻ بابت عدالتي حڪمن تي عمل ٿي چڪو آهي، ڪيس بند ڪرڻ حڪومت جو صوابديدي آهي.

جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ، سوئيس اختيارين کي ٻيو خط نه لکڻ بابت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

 جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ۾ چيو ته سوئيس اختيارين کي ٻيو خط لکڻ بابت عدالتي حڪمن تي عمل ٿي چڪو آهي، ان ڪري ڪيس اڪلايو پيو وڃي.

جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته هڪ وزيراعظم، عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪيو، تنهن ڪري توهين عدالت جي ڪارروائي ٿي پر راجا پرويز اشرف خط لکي عدالتي حڪمن تي عمل ڪيو.

بينچ جي سربراهه وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته سوئيس اختيارين ڪيس پاڻ کوليو ۽ بند به پاڻ ڪيو، ڪيس کي بند ڪرڻ حڪومت جو صوابديدي آهي.

واضح رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس، افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ سوئيس اختيارين کي خط نه لکڻ تي پ پ دور ۾ ان وقت وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*