واگها سانحي جي زخمين مان وڌيڪ هڪ ٻارڙو زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

واگها سانحي جي زخمين مان وڌيڪ هڪ ٻارڙو زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جنهن بعد آپگهاتي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 62 ٿي ويو آهي.

شالامار باغ جي مدينا ڪالوني جو رهواسي چئن ورهين جي ٻارڙَي گورنمينٽ سروسز اسپتال ۾ دم ڏنو.

واگها بارڊر تي آپگهاتي ڌماڪي ۾ فوت ٿيل ٻارڙَي جي ڪٽنب جا 6 ڀاتي اڳ ئي شهيد ٿي چڪا آهن، سندس فوت ٿيڻ بعد ڪٽنب جي فوتين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو آهي.

آپگهاتي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 62 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*