ن ليگ جي حڪومت بنيادي ڍانچي جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف سان بلوچستان جي سينيئر وزير  ثناءُ الله زهري ملاقات ڪري مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، وزيراعظم چيو آهي ته ن ليگ جي حڪومت، بنيادي ڍانچي جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي.

وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ميان نواز شريف سان، مسلم ليگ ن بلوچستان جي صدر ۽ صوبائي وزير ثناءُ الله زهري ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن ۽ پارٽي معاملن سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومت بلوچستان ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، بلوچستان جي ترقي تي به ڌيان ڏنو پيو وڃي.

صوبائي وزير ثناءُ الله زهري چيو ته بلوچستان جي معدني وسيلن مان فائدا حاصل ڪيا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*