لاهور هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم تي جواب داخل نه ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

لاهور هاءِ ڪورٽ، پارليامينٽ ميمبرن جي ٻيهر اسڪرونٽي واري ڪيس ۾ عدالتي حڪمن تي جواب داخل نه ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي 10 فيبروري تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس شهزاد مظهر جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي بينچ، پارليامينٽ ميمبرن جي ٻيهر اسڪرونٽي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته 2013 جي عام چونڊن دوران پارليامينٽ ميمبرن جي ڇنڊ ڇاڻ صحيح ناهي ڪئي وئي، تنهن ڪري ڪيترائي اهڙا ميمبر پارليامينٽ ۾ آيا، جيڪي آرٽيڪل  62 ۽ 63 تي پورو نٿا لهن.

درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته پارليامينٽ ميمبرن جي ٻيهر اسڪرونٽي جو حڪم ڏنو وڃي.

عدالت، اهڙي درخواست تي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري کان ڪيترائي ڀيرا جواب طلب ڪيو هو پر جواب نه اچڻ تي عدالت اڄ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

عدالت، پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري کي گرفتار ڪري 10 فيبروري تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*