لاهور هاءِ ڪورٽ پيٽرول بحران ڪيس ۾ وزيراعظم پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي

لاهور هاءِ ڪورٽ، پيٽرول بحران واري ڪيس ۾ وزيراعظم پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي جي رپورٽ پهرين فيبروري تي طلب ڪري ورتي آهي، پيٽروليم واري وزارت عدالت کي آگاهي ڏني آهي ته پيٽرول جو بحران ڪوهيڙي سبب ٿيو، هاڻي معاملو حل ٿي چڪو آهي.

جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي بينچ، پيٽرول بحران بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران ڊي جي اوگرا ۽ پيٽروليم واري وزارت جو نمائندو عدالت ۾ پيش ٿيا، جن کان عدالت پڇاڻو ڪيو ته پيٽرول جا اگهه طئي ڪرڻ جو طريقيڪار ڪهڙو آهي.؟

ڊي جي اوگرا عدالت کي آگاهي ڏني ته تيل جون قيمتون اوگرا طئي ناهي ڪندي، هـُو رڳو فارمولا ڏيندا آهن، اگهه طئي ڪرڻ پيٽروليم واري وزارت جو ڪم آهي.

عدالت جي پڇاڻي تي پيٽروليم واري وزارت جي نمائندي ٻڌايو ته پنجاب کي پيٽرول جي فراهمي پارڪو جو ڪم آهي، 3 ڏينهن اندر پنجاب ۾ پيٽرول پهچندو آهي پر ڪوهيڙي سبب 10 کان 15 ڏينهن کان پيٽرول نه پهتو، جنهن سبب بحران پيدا ٿيو.

پيٽروليم واري وزارت جي نمائندي ٻڌايو ته بحران وارو معاملوحل ٿي چڪو آهي، هاڻي معمول موجب پيٽرول جي فراهمي ڪئي پئي وڃي.

عدالت، پيٽرول بحران جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ بابت وزيراعظم پاران جوڙيل ڪميٽي جي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي پهرين فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*