لاڙڪاڻي ۾ ميٽرڪ جي شاگردياڻي پاڻ مٿان مبينا طور پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ۾ ميٽرڪ جي شاگردياڻي پاڻ مٿان مبينا طور پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته شهناز راهوجو جو ذهني توازن درست نه هو، جنهن ڪري پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪيو.

حيدري ٿاڻي جي حد شاهه بهارو ڪالوني ۾ ميٽرڪ جي شاگردياڻي شهناز راهوجو مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو، جنهن جو لاش پوليس تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو.

شاگردياڻي جي والد پوليس جمعدار عبدالخالق راهوجو جو چوڻ آهي ته شهناز جو ذهني توازن درست نه هو، پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪيائين.

پوليس جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي جي مبينا آپگهات واري معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*