ملير پوليس ڪورنگي مان اغوا ڪيل نينگر ثمران علي کي بازياب ڪرائي ورتو آهي

Karachi-Police-FIR-51116

ملير پوليس ڪورنگي مان اغوا ڪيل نينگر ثمران علي کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، ايس ايس پي رائو انوار موجب ڪارروائي دوران زنجيرن ۾ جڪڙيل نينگر کي بازياب ڪرائي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي ملير رائو انوار موجب شاهه لطيف ٽائون ۾ ڪارروائي دوران ڪورنگي مان اغوا ڪيل نينگر ثمران علي کي بازياب ڪرايو ويو.

ايس ايس پي موجب جوابدارن نينگر کي اغوا ڪرڻ بعد شاهه لطيف ٽائون ۾ ڪرائي جي گهر ۾ زنجير هڻي يرغمال بڻايو هو، ڪارروائي دوران گهر ڌڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس 2 ساٿي جهانزيب شاهه ۽ فضل ملڪ فرار ٿي ويا.

ملير پوليس بازياب ڪرايل نينگر ثمران علي کي حد جي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*