سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران انگريزي ۾ سوال پڙهڻ واري معاملي تي ورڪس اينڊ سروسز جي صوبائي وزير امداد پتافي ۽ فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي

Sindh-Assembly-29716

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران انگريزي ۾ سوال پڙهڻ واري معاملي تي ورڪس اينڊ سروسز جي صوبائي وزير امداد پتافي ۽ فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، امدادي پتافي پاران چيمبر ۾ گهرائڻ واري جملي تي نصرت سحر عباسي جو سخت احتجاج، وقتي اسپيڪر ٻنهي ميمبرن کي ماٺ ٿي ويهڻ جو چوندي رهي، جڏهن ته  ايوان ۾ موجود وڏو وزير مراد علي شاهه ميمبرز جي جملن تي مسڪرائيندو رهيو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس شروع ٿيندي ئي پ پ ميمبرز فيصل آباد ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي ريلي دوران بجلي بند ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج ڪري وزير اعظم خلاف نعريبازي ڪئي.

پ پ ميمبرز جي احتجاج سبب اسپيڪر کي اجلاس 10 منٽن لاءِ ملتوي ڪرڻو پيو.

پ پ ميمبرز جي نعريبازي بعد نواز ليگ ايم پي اي سورٺ ٿيٻو اسپيڪر خلاف نعريبازي ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري وئي.

اجلاس جي  ٻيهر شروع ٿيڻ تي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي ڪارڪردگي بابت ميمبرز صوبائي وزير امداد پتافي کان سوال ڪيا.

صوبائي وزير امداد پتافي جي اردو ۾ جواب ڏيڻ تان فنڪشنل ليگ ايم پي اي نصرت سحر عباسي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي وزير امداد پتافي کي جواب انگريزي ۾ ڏيڻ لاءِ چيو، جنهن تي هن نصرت سحر عباسي کي چيو ته چيمبر ۾ اچو ته توهان کي پڙهي ٻڌايان ٿو.

امداد پتافي جي اهڙي جملي تي نصرت سحر عباسي سخت احتجاج ڪندي امداد پتافي کي وراڻيو ته چيمبر ۾ پنهنجي ماءُ ڀيڻ کي گهرايو.

اسپيڪر شهلا رضا، امداد پتافي ۽ نصرت سحر عباسي کي ماٺ ڪرڻ لاءِ چيو پر هو نه مڙيا، امداد پتافي نصرت سحر عباسي کي ڊراما ڪوئين قرار ڏيندي چيو ته نصرت سحر عباسي  کي رڳو ڪاوش اخبار ۾ ڪوريج گهرجي.

نصرت سحر عباسي اسپيڪر کي چيو ته حڪومتي ميمبرز کي ڪنٽرول ڪيو، جيڪڏهن اسان ڳالهائڻ شروع ڪيو ته هنن کي ڀڄڻ جي جاءِ به هٿ نه ايندي، جيڪڏهن وزير ماڻهن کي چيمبر ۾ گهرائي رهيا آهن ته پوءِ اجلاس به چيمبر ۾ ڇو نه ٿو گهرايو وڃي.

نصرت سحر عباسي ۽ امدا پتافي وچ ۾سخت جملن جي ڏي وٺ دوران ايوان ۾ موجود وڏو وزير مراد علي شاهه کلندو رهيو.

امداد پتافي ۽ نصرت سحر عباسي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ سبب اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*