پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاناما ليڪس ڪرپشن جو سڀ کان وڏو اسڪينڊل آهي ۽ نواز شريف جي فرار ٿيڻ واري ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي

Bilawal-Faisalabad-Meeting-20117

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاناما ليڪس ڪرپشن جو سڀ کان وڏو اسڪينڊل آهي ۽ نواز شريف جي فرار ٿيڻ واري ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي.

فيصل آباد ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪوبه سياستدان ملڪ جي اصل مسئلن تي ڌيان نه پيو ڏئي ۽ جيالن ثابت ڪري ڇڏيو ته پ پ پنجاب ۾ زندهه آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته ڪرپشن خلاف تحريڪ جاري رهندي، نواز شريف جي پانا ڪيس مان جان آزاد نه ٿيندي.

هن چيو ته سندن 4 مطالبا آئيني ۽ جمهوري آهن، نواز سرڪار وٽ پ پ جا مطالبا تسليم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ئي ناهي بَچيو.

پ پ چيئرمين چيو ته پ پ پاناماليڪس ڪيس جي شفاف جاچ چاهي ٿي، عوام پ پ سان گڏ آهي، ملڪ مان شريف مافيا جو خاتمو آندو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*