سوئي سدرن گيس ڪمپني ٿڌ ۾ واڌ جو جواز ڄاڻائيندي سنڌ ۾ ايندڙ هفتي 5 ڏينهن سي اين جي اسٽيشنز بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

CNG-20117

سوئي سدرن گيس ڪمپني  ٿڌ ۾ واڌ جو جواز ڄاڻائيندي سنڌ ۾ ايندڙ هفتي 5 ڏينهن سي اين جي اسٽيشنز بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، واهپيدارن اهڙي فيصلي کي رد ڪندي احتجاج ڪيو آهي.

سئي سڌرن گيس ڪمپني جي ترجمان موجب سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز  آچر جو صبح 8 وڳي کان اڱاري صبح جو 8 وڳي تائين  بند رهنديون.

سئي سڌرن گيس ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ آهي سي اين جي اسٽيشنز  ٻيهر اربع 25 جنوري کان 27 جنوري تائين 24 ڪلاڪن لاءِ بند رکيون وينديون.

سي اين جي واهپيدارن سئي سڌرن گيس ڪمپبي جي فيصلي تي احتجاج ڪندي چيو آهي ته گيس ڪمپني هر سال ٿڌ جو جواز ڄاڻائيندي سي اين جي اسٽينز بندڪندي آهي، جنهن سان عوام کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*