ايم ڪيو ايم جا ماڻهو سندس پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا پر هو ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان کي نٿو سڄاڻي، پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال

Mustafa-kamal-20117

پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا ماڻهو سندس پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا پر هو ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان کي نٿو سڄاڻي، ڪنهن کي به مارڻ جو فائدو ايم ڪيو ايم باني کي ٿيندو.

سيڪٽر ۽ يونٽ انچارج سميت ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙ 210 ڪارڪنن پاران پاڪ سرزمين پارٽي  ۾شموليت اختيار ڪرڻ دوران مصطفيٰ ڪمال چيو ته هو ماڻهن کي درست رستي تي آڻن چاهن ٿا.

پي ايس پي سربراهه چيو ته جيڪڏهن سنجيدگي سان ڪوششون ڪيون وڃن ته ڪراچي ۾ هڪ هفتي اندر امن ٿي سگهي ٿو .

مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان کي چيو پيو وڃي ته توهاڻ وٽ سٺا ماڻهو نه پيا اچن، جيڪڏهن ڪو خراب ڪم ڇڏي سٺو ڪم ڪري ٿو ته شڪر ادا ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته ڪنهن کي مارڻ سان برائي ختم نه ٿيندي ۽ ڪنهن کي به مارڻ جو ايم ڪيو ايم باني کي ئي ٿيندو.

مصطفيٰ ڪمال جيلن قيد ڪارڪنن لاءِ بلوچستان جهڙو پيڪيج ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته فاروق ستار ليڊر ته بڻجي ويوآهي پر هن اڄ ڏينهن تائين ڪابه ڳالهه نه ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*