گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن ۾ فني خرابي سبب چار يونٽ ٽرپ ٿيڻ ڪري سنڌ ۽ پنجاب جي ڪيترن علائقن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي

Guddu-Power-Station-21117

گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن ۾ فني خرابي سبب چار يونٽ ٽرپ ٿيڻ ڪري سنڌ ۽ پنجاب جي ڪيترن علائقن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، انتظاميه موجب بجلي جي بحالي لاءِ مرمتي ڪم جاري آهي.

گڊو ٿرمل پاور انتظاميه موجب ٿرمل پاور اسٽيشن ۾ فني خرابي سبب يونٽ 5، 6،  7 ۽ 8  ٽرپ ٿي وڃڻ ڪري  132 ڪي وي جون 2 لائينون بند ٿي ويون آهن.

يونٽ  ٽرپ ٿيڻ ڪري لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، قمبر شهدادڪوٽ، مظفر ڳڙهه، ملتان، رحيميار خان ۽ ٻين علائقن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

ٿرمل پاور هائوس انتظاميه جو چوڻ آهي ته ٽرپ ٿي ويل يونٽس جو مرمتي ڪم جاري آهي، بجلي بحال ٿيڻ ۾ ٽن کان چئن ڪلاڪن جو وقت لڳي سگهي ٿو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*