موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي
هر سال موسم کي سردي گهٽ پوڻ جون ميارون ڏيندڙ ڪراچي واسي هيل سرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ 2-2 ڪمبل ۽ سَوڙِيون خريد ڪري وٺن، موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ موسم سرد رهڻ ۽ تيز برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته بلوچستان جي اترين علائقن ۾ به برسات سان گڏ برفباري جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ايندڙ هفتي پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ ڪشمير جي ميداني علائقن ۾ به برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
ڊي جي ميٽ جو چوڻ آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي اتر اولهه وارن علائقن ۾سرد هوائون 17 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن ۽ هوا ۾ نمي جو تناسب 46 سيڪڙو آهي.
ڊي جي ميٽ موجب ڪراچي ۾ اڄ صبح جوگرمي پد 13 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران گرمي پد گهٽ ۾ گهٽ 11 ڊگري سينٽي گريڊ کان 13 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.