آمريڪي صدر ڊولڊ ٽرمپ عهدو سنڀاليندي ئي ٽرمپ ڪابينا ۽ اوباما ڪيئر پاليسي سميت 6 ايگزيڪيوٽو آرڊرز تي صحيحون ڪري ڇڏيون

Trump-USA-PM-21117

آمريڪي صدر ڊولڊ ٽرمپ عهدو سنڀاليندي ئي ٽرمپ ڪابينا ۽ اوباما ڪيئر پاليسي سميت 6 ايگزيڪيوٽو آرڊرز تي صحيحون ڪري ڇڏيون، ٽرمپ چيو آهي ته اسان کي شاندار ڪاميابيون مليون آهن، آمريڪا کي ٻيهر عظيم ملڪ بڻائينداسين،آمريڪي فوج عظيم آهي، جنهن سان ساٿ نڀايو ويندو.

آمريڪا جو نئون چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ حلف کڻي 45 هون صدر بڻجي ويو، ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري تقريب ڪيپيٽل هل ۾ ٿي، جنهن ۾ ٽرمپ جي گهرواري ميلانيا، اڳوڻي صدر براڪ اوبامه، سندس گهرواري مشل، هليري ڪلنٽن، اڳوڻي صدر جارج ڊبليو بش،اڳوڻي نائب صدر جو بائيڊن ۽ ٻين اعليٰ شخصيتن سميت لکين ماڻهن شرڪت ڪئي.

حلف برداري تقريب ۾ آمريڪا جي نائب صدر مائيڪ پـِــنس حلف کنيو، جنهن بعد چيف جسٽس جان رابرٽس نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي حلف کڻايو.

امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ حلف برداري تقريب کان پوءِ وائيٽ هائوس روانو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي پاسن کان ٽرمپ حامين ۽ مخالفن پاران نعريبازي ڪئي وئي.

ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي گهر واري ملينا ٽرمپ ۽ ٻين گهر وارن سان گڏجي افتتاحي پريڊ ڪئي، جنهن دوران هو پنهنجي گاڏيءَ مان لهي هٿ مٿي ڪري عوام جي نعرن جو جواب ڏنو.

ڊونلڊ ٽرمپ جي افتتاحي پريڊ دوران ٻنهي پاسن کان عوام جو وڏو انگ نظر آيو، جن ۾ ٽرمپ جا حامي ۽ مخالف به هئا، جيڪي نعريبازي ڪندا رهيا.

حلف کڻڻ بعد امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آن سروسز بال ۾ فوجين کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي شاندار ڪاميابيون مليون آهن، آمريڪا کي ٻيهر عظيم ملڪ بڻائينداسين.

ٽرمپ چيو ته آمريڪي فوج عظيم آهي، جنهن سان ساٿ نڀايو ويندو.

امريڪي پهرين عورت ميلانيا به آمريڪي فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*