ٺٽي جي عدالت 2010 ۾ ٿاڻي تان بازياب ڪرايل ملڪ چنگيز خان واري ڪيس ۾ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر ۽ اڳوڻي ايس ايس پي فرخ بشير کي 28 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي

thatta-06

ٺٽي جي عدالت 2010 ۾ ٿاڻي تان بازياب ڪرايل ملڪ چنگيز خان واري ڪيس ۾ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر ۽ اڳوڻي ايس ايس پي فرخ بشير کي 28 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي.

سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت 2010 ۾ ميرپور ساڪرو ٿاڻي  عدالتي ڇاپي دوران ملڪ چنگيز خان کي بازياب ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران اڳوڻو ايس ايس پي فريد جان سرهندي، اڳوڻو سي آءِ اي انچارج انور لاکو، اڳوڻو ايس ايڇ اوز علي شير خاصخيلي، ذوالفقار آرائين، بشير چانڊيو سميت 7 اهلڪار عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي تي پيش نه ٿيڻ تي عدالت ايم اين ملڪ اسد سڪندر ۽ ڄامشوري جي اڳوڻي ايس ايس پي فرخ بشير جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

ٻڌڻي دوران ملڪ اسد سڪندر ۽ اڳوڻي ايس ايس پي فرخ بشير جي وڪيل پاران معاضرت واري درخواست داخل ڪرڻ تي عدالت گرفتاري وارنٽ واپس وٺي کين 28 جنوري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*