سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل سنڌ اسيمبلي ۾ پيش آيل صورتحال مناسب نه هئي

cm umer kot

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل سنڌ اسيمبلي ۾ پيش آيل صورتحال مناسب نه هئي، ڪوشش ڪنداسين ته ٻيهر اهڙو واقعو نه ورجايو وڃي.

عمرڪوٽ ويجهو راڻا همير سنگهه سان سندس ننڍي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ بيروزگار نوجوان کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وينديون.

وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ مڪاني کاتن بابت جوڙيل ڪميٽي جي جاچ رپورٽ اچڻ بعد سمورا اڪائونٽ کولي ترقياتي ڪمن لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويندا.

وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ بيروزگار نوجوان کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون ڏيڻ سان گڏ  صوبي ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي رهيا آهن.

سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ترجيحي بنيادن تي صحت ۽ تعليم تي ڌيان ڏئي رهي آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ سرڪاري ميمبرز پاران عورت ميمبر سان اختيار ڪيل اڍنگي روئي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اهو مناسب نه هو، سندن ڪوشش هوندي ته ٻيهر اهڙو واقعو پيش نه اچي.

نوازليگ اڳواڻن پاران بلاول جي حوالي سان ڳالهايل جملن تي رد عمل ڏيڻ کان انڪار ڪندي هن چيو ته ڪريل ڳالهين کي ڊيگهه نه ڏيڻ گهرجي، هر ڪو پنهنجي ذهنيت جي حساب سان ڳالهائيندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*