پاڪستان پاران خير سگالي واري جذبي تحت ڀارتي فوجي کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو

Idnian-Army-Pakistan-Army-release-21117

پاڪستان پاران خير سگالي واري جذبي تحت ڀارتي فوجي کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو، ڀارتي فوجي چندو چوهاڻ 29 سيپٽمبر 2016ع تي سرحد پار ڪري پاڪستان ۾ داخل ٿيو هو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان خير سگالي واري جذبي تحت ڀارتي فوجي چندو چوهاڻ کي ڀارت حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوجي کي اڄ ڪنهن به وقت واهگا بارڊر تي ڀارتي اختيارين جي حوالي ڪيو پيو وڃي.

واضح رهي ته ڀارتي فوجي 27 سيپٽمبر 2016ع تي سرحد پار ڪري پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿيو هو، جنهن کي هاڻي واپس ڀارت حوالي ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*