شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي هڪ ايف آءِ آر ارباب رحيم تي به داخل ٿيڻ گهرجي شرجيل ميمڻ

سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ارباب رحيم ڪو وڏو پير نه آهي، جو اڳڪٿيون ڪندو وتي، کيس سوچي سمجهي ڳالهائڻ ۽ ٻين جو انجام به ياد رکڻ گهرجي، جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي هڪ ايف آءِ آر ارباب رحيم تي به داخل ٿيڻ گهرجي.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ارباب رحيم جي بلاول ڀٽي بابت پير پاڳاري جي اڳڪٿي سچ ٿيڻ واري بيان تي ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ارباب رحيم ڪو وڏو پير نه آهي، جو سندس اڳڪٿيون سچ ثابت ٿين، کيس سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي، کيس بلاول ڀٽو زرداري جو نالو ئي نه وٺڻ گهرجي.

شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ارباب رحيم ۽ ٻين تي بينظير ڀٽو شهيد جي قتل جي ايف آءِ آر ٿيڻ گهرجي، ارباب رحيم تي ان ڪري ٿيڻ گهرجي ته هو ان وقت وڏو وزير هو ۽ هن ٻارهين وڳين شو ختم ٿي وڃڻ جي ڳالهه ڪئي هئي جڏهن ته محترمه تي پوڻين ٻارهين وڳين حملو ٿيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*