ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ زيادتي ۽ تشدد جو نشانو بڻايل ٻارڙي سويرا جي حالت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي

karachi korangi

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ زيادتي ۽ تشدد جو نشانو بڻايل ٻارڙي سويرا جي حالت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي،  ٻارڙي اڄ کان کائڻ پيئڻ به شروع ڪيو آهي، ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته  في الحال ٻارڙيءَ کان جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ نٿي ڪرائي سگهجي.

ڪورنگي اڍائي نمبر واري علائقي ۾ وحشي جوابدارن پاران ڏاڍائي بعد تشدد جو نشانو بڻايل 5 ورهين جي ٻارڙي سويرا جي جي حالت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي.

ڊاڪٽرز موجب سول اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل ٻارڙي اڄ کان کائڻ ۽ پيئڻ به شروع ڪيو آهي،پر کيس مڪمل طور ٺيڪ ٿيڻ ۾ وڌيڪ ڪجهه ڏينهن لڳي سگهن ٿا.

ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته في الحال ٻارڙي کان جوابدارن جي سڃاڻپ به نه ٿي ڪرائي سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*