پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو ٽرمپ ۽ نواز شريف جي ٽيليفون تي غلط فهمي جو شڪار آهن

shireen mazari

پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو ٽرمپ ۽ نواز شريف جي ٽيليفون تي غلط فهمي جو شڪار آهن، ٽرمپ جي پاليسي ۽ سندس انتظاميا جا پاڪستان بابت بيان حوصلائتا ناهن، ٽرمپ جي ڪري نيو ڪليئر معاملي تي پاڪستان جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو .

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران شيري مزاري آمريڪا جي نئين صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف کڻڻ بعد ڪيل تقرير تي تبصرو ڪندي چيو ته دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر ٻن بلاڪس ۾ تبديل ٿي وئي آهي.

   پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته آمريڪا دوستي باوجود پاڪستان لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري رهيو آهي.

شيري مزار چيو ته آمريڪا پنهنجي مفادن خلاف بين الاقوامي ڪرمنل قانون کي منظور نه ڪيو، آمريڪا نيٽو ۽ بين عالمي تنظيمن کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪيو.

 شري مزاري جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو ٽرمپ ۽ نواز شريف جي ٽيليفون تي غلط فهمي جو شڪار آهن، ٽرمپ جي پاليسي ۽ سندس انتظاميا جا پاڪستان بابت بيان حوصلائتا ناهن، ٽرمپ جي ڪري نيو ڪليئر معاملي تي پاڪستان جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*