وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مخالفن جي تقريرن سان مٿس ڪوبه فرق نٿو پوي، غلط بياني تي افسوس ٿيو

chodhary nisar

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مخالفن جي تقريرن سان مٿس ڪوبه فرق نٿو پوي، غلط بياني تي افسوس ٿيو، اهڙو ڪم ئي ناهي ڪيو، جنهن تي شرمندگي جو منهن ڏسڻو پوي، ڪرپشن ڪندڙ پارٽي اڄ ڪرپشن خلاف مهم هلائي رهي آهي.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته هــُو پنهنجي علائقي ۾ مسئلن کان آگاهه آهي، مسئلن ۽ سياست تي پنهنجي علائقي ۾ ئي ڳالهه ٿيندي.

هن چيو ته پرويز مشرف چاهيو پئي ته هــُو اسيمبلي ۾ نه اچي پر تڪ جي عوام سندس ساٿ ڏنو، مخالفن جي تقريرن سان مٿس ڪوبه فرق نه پوندو، پر سندن غلط بياني تي افسوس ٿيو.

چوڌري نثار چيو ته ڪرپشن ڪندڙ پارٽي اڄ ڪرپشن خلاف مهم هلائي رهي آهي، منهنجو هڪ مٽيءَ سان تعلق آهي، هتي پيدا ٿيو آهيان ۽ هتي ئي دفن ٿيڻو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*