پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هر پاڪستاني ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جو هر صورت ۾ خاتمو چاهي ٿو

shah mehmod

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هر پاڪستاني ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جو هر صورت ۾ خاتمو چاهي ٿو، نوجوان ڪرپٽ خاندان خلاف وڏي فيصلي جي اميد رکن ٿا.

ملتان ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ٿي تڪ جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڏکڻ پنجاب جو عوام پنجاب حڪومت جي ٻٽَي معيار سبب پريشان آهي.

هن چيو ته سندس تڪ جا ماڻهو اسلام آباد مان خوشيءَ جي خبر ٻڌڻ جا منتظر آهن، عوام پاناما ليڪس تي عمران خان جي موقف جي کليل دل سان حمايت ڪري ٿو.

شاهه محمود قريشي چيو ته ملتان جي گهٽين ۾ ڪرپشن خلاف نفرت ڏٺي آهي، هر پاڪستاني ملڪ مان ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جو هر قيمت تي خاتمو چاهي ٿو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*