پارا چنار جي سبزي منڊي واري علائقي ۾ ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 21 ٿي ويو

Parachenar-Blast-21117

پارا چنار جي سبزي منڊي واري علائقي ۾ ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 21 ٿي ويو، 50 کان وڌيڪ زخمين کي فوجي هيليڪاپٽرز ذريعي سي ايم ايڇ ۽ ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور منتقل ڪيو ويو، سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي شاهديون گڏ ڪيون.

سبزي منڊي واري علائقي ۾ صبح 8 لڳي 50 منٽن تي زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

ڌماڪي کانپوءِ پاڪ فوج جي جوانن ۽ ايف سي جَي ڪوئيڪ ريسپانس فورس علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي ايجنسي هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو.

زخمين مان اڪثر جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽرز ذريعي سي ايم ايڇ پشاور ۽ ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور منتقل ڪيو ويو.

زخمين مان ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي وقت مارڪيٽ ۾ رش هئي، ساڳئي هنڌ تي اڳ به 3 ڀيرا ڌماڪا ٿي چڪا آهن.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ڌماڪي ۾ قومي جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*