واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف ملازمن پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف ملازمن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن.

شڪارپور ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪار ي خلاف ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

جيڪب آباد ۾ واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ يونين پاران بابو حنيف لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو.

خيررپور ۾ واپڊا ملازمن امڪاني نجڪاري خلاف سموري ڊويزن آفيسن جي تالا بندي ڪري نزاڪت پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شر جو گشت ڪيو.

خيرپور ناٿن شاهه ۾ به واپڊا ملازمن واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف ميهڙ ۾ سعيد ڪلهوڙو ۽ زاهد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

نوابشاهه ۾ به واپڊا ملازمن ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

عمرڪوٽ ۾ رضوان ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

ٽنڊي محمد خان ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف هائيڊرو يونين پاران محمد يونس نظاماڻي ۽ ايوب سهتو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.

ميرپور خاص ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف اڪبر لغاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف بدين ۾ غوثو خان پٺاڻ ۽ ذوالفقار جمالي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري حيدرآباد بدين روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون.

پيرڳوٺ، ٺل، محرابپور، تلهار، ٽنڊو ڄام، سنڌڙي، راڌڻ ۽ ٻين شهرن ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*