پاڪستان گڏيل قومن جي پابندي واري فهرست ۾ شامل جماعت الدعوت جا اثاثا منجمند ڪري ڇڏيا آهن تسنيم اسلم

پاڪستان، گڏيل قومن جي پابندي واري فهرست ۾ شامل جماعت الدعوت جا اثاثا منجمند ڪري ڇڏيا آهن، پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته پابندي مڙهيل ۽ ٻين تنظيمن جي فنڊن جي جاچ ڪئي پئي وڃي، اميد آهي ته آمريڪي صدر براڪ اوبامه ڀارت جي دوري دوران ايل او سي تي ڀڃڪڙي وارو معاملو اٿاريندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم چيو ته گڏيل قومن جي پابندي واري فهرست ۾ شامل سمورين تنظيمن جا اڪائونٽس منجمند ڪيا ويا آهن، جن ۾ جماعت الدعوت به شامل آهي.

هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جو ميمبر آهي، ان ڪري يو اين او جي ٺهرائن تي عمل ڪرڻ سندن ذميواري آهي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته قومي ايڪشن پلان تحت پابندي مڙهيل ۽ ٻين تنظيمن کي ملندڙ فنڊن جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي، فنڊ ڏيندڙ ماڻهن جي چرچر ۽ سفري سرگرمين تي به نظر رکي پئي وڃي.

بين الصوبائي رابطن واري وزير رياض پيرزاده پاران هڪ دوست ملڪ تي ناڪاري فنڊ جاري ڪرڻ واري الزام بابت سوال جي جواب ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته ان سلسلي ۾ رياض پيرزادي پاڻ وضاحت ڪري چڪو آهي ۽ وزيراعظم هائوس به ان حوالي سان بيان جاري ڪيو آهي.

تنسيم اسلم چيو ته پاڪستان دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪري رهيو آهي، لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فائرنگ دهشتگردي خلاف جنگ تان پاڪستان جو جنگ تان ڌيان هٽائڻ جي سازش آهي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته کين اميد آهي ته آمريڪي صدر براڪ اوبامه، ڀارت جي دوري دوران هندستان جي اختيارين آڏو سرحدي ڀڃڪڙي وارو معاملو اٿاريندو.

هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ٻين جي مذهب تبديل ڪرڻ واري مهم انساني حقن جي خلاف آهي، ڀارت بيگناهه ڪشميرين جو قتل عام ڪري رهيو آهي ۽ ان حوالي سان پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته فرانسيسي سرڪار کي گستاخ خاڪا شايع ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*