اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، او جـِي ڊي سـِي ايل جي نجڪاري خلاف درخواست تي حڪومت، نجڪاري ڪميشن ۽ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، او جـِي ڊي سـِي ايل جي نجڪاري خلاف درخواست تي حڪومت، نجڪاري ڪميشن ۽ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

جسٽس اطهر مـِن الله تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ او جي ڊي سي ايل جي نجڪاري خلاف اداري جي ملازم ظهير الدين بابر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته او جي ڊي سي ايل 2013 کان 2014 تائين حڪومت کي 2 سئو 26 ارب رپين جو منافعو ڏنو آهي، پر ان باوجود اداري جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي.

درخواستگذار جو چوڻ آهي ته ادارن جي نجڪاري قومي مفاد جي خلاف آهي، جيڪڏهن حڪومت کي نجڪاري ڪرڻي آهي ته سڀ کان پهريان خساري واري ادارن جي نجڪاري ڪئي وڃي.

درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته اداري جي نجڪاري روڪي حڪم جاري ڪيو وڃي.

عدالت، اهڙي درخواست تي حڪومت، نجڪاري ڪميشن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*