تحريڪ انصاف پاناماليڪس ڪيس ۾ سياست ڪري رهي آهي، ثابت ٿي چڪو آهي ته نواز شريف جو نالو پاناماليڪس ۾ شامل نه آهي، نواز ليگ اڳواڻن

Nawaz-PMLN-25117

نواز ليگ اڳواڻن چيو آهي ته تحريڪ انصاف پاناماليڪس ڪيس ۾ سياست ڪري رهي آهي، ثابت ٿي چڪو آهي ته نواز شريف جو نالو پاناماليڪس ۾ شامل نه آهي، عمران خان قوم کي گمراهه ڪري رهيو آهي، کيس شرم اچڻ گهرجي.

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاناماليڪس ڪيس کي سياست جي ور چاڙهيو ويو آهي، عدالت ۾ اهو واضح ٿي ويو آهي ته مريم نواز والد جي ڪفالت هيٺ ناهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ ۾ جعلي دستاويز جمع ڪرايا آهن، خان صاحب الزام مڙهڻ بعد معافيون وٺڻ جو مور آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪرپشن خلا ف جهاد جي دعويٰ ڪندڙ ٻڌائين ته خيبرپختونخواهه جي احتساب ڪميشن کي تالو ڇو لڳل آهي؟.

دانيال عزيز چيو ته عمران خان ڪرپٽ شخص کي گڏ کڻي رهيو آهي، خان صاحب!، ٻڌائي ته اهو آخر ڪيستائين عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهندو.

هن چيو ته، جهانگير ترين ۽ عمران خان ڪروڙين رپين جو قرض معاف ڪرايو، جهانگير ترين ته پنهنجي اولاد کي 4 ڪروڙ رپين جا تحفا به ڏنا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*