حيدرآباد ۾ نامعلوم ڪار سوار ماڻهن جون پوليو ٽيم کي ڌمڪيون رضاڪار مهم اڌ ۾ ڇڏي هليا ويا

حيدرآباد جي علائقي حسين آباد ۾ پوليو مهم متاثر ٿي آهي، رضاڪارن جو چوڻ آهي ته ڪار سوار نامعلوم ماڻهن پاران ڌمڪائڻ کانپوءِ هو ڊنل آهن ۽ ڪم نه ٿا ڪري سگهن.

حيدرآباد جي علائقي حسين آباد ۾ نا معلوم ڪار سوار ماڻهن پوليو ٽيمن کي ڌمڪايو، جنهن کانپوءِ رضاڪار مهم اڌ ۾ ڇڏي هليا ويا.

واقعو حسين آباد ۾ پيش آيو، جنهن کانپوءِ رضاڪارن مهم اڌ ۾ ڇڏي ڏني آهي، ڊنل هجڻ سبب پوليو رضاڪارن جو چوڻ آهي ته هو وڌيڪ ڪم نه ٿا ڪري سگهن.

حيدرآباد پوليس يا ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن واقعي کانپوءِ اڃا تائين ڪو تحرڪ نه ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*