پنجاب سرڪار راجنپور جي ڪچي واري علائقي ۾ دهشت جي علامت بڻيل غلام رسول عرف ڇوٽو بکراڻي جا سهولتڪار هئڻ جي الزام هيٺ 10 پوليس آفيسرن کي معطل ڪري جاچ لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي ڇڏي آهي

Police-25117

پنجاب سرڪار راجنپور جي ڪچي واري علائقي ۾ دهشت جي علامت بڻيل غلام رسول عرف ڇوٽو بکراڻي جا سهولتڪار هئڻ جي الزام هيٺ 10 پوليس آفيسرن کي معطل ڪري جاچ لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي ڇڏي آهي.

راجنپور مان  2016 ۾ فوجي آپريشن دوران گرفتار ڪيل بدنام ڌاڙيل ڇوٽو بکراڻي گينگ جا سهولتڪار هئڻ جي الزام هيٺ پنجاب حڪومت ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز سطح جي 10 آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي.

پنجاب  حڪومت الزام هيٺ آيل آفيسرن بابت جاچ جي لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا جاچ مڪمل ڪري رپورٽ قانون واري وزارت حوالي ڪندي.

واضح رهي ته راجنپور جي ڪچي واري علائقي ۾ دهشت جي علامت بڻيل ۽ بدنام ڏوهاري ڇوٽو بکراڻي خلاف پوليس کي ناڪامي ملڻ کانپوءِ فوجي آپريشن ڪري پوري گينگ کي گرفتار ڪيو ويو هو.

ڊي آءِ جي سکر گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي مان به 2016ع ۾ گرفتار ڪيل بدنام ڏوهاري سلطو شر جا سهولتڪار هئڻ بابت 20 پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي هئي، پر ان تي سنڌ سرڪار عمل نه ڪيو آهي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*