پنگريو ۾ هڪ سال اڳ ڊاڪٽرز جي غلط علاج سبب هٿن ۽ پيرن کان محروم ٿيل ٻارڙي نائما خاصخيلي جو حيدرآباد جي اسپتال ۾ آپريشن ڪري مصنوعي پير لڳايا ويا

Naima-Khaskhali-25117

پنگريو ۾ هڪ سال اڳ ڊاڪٽرز جي غلط علاج سبب هٿن ۽ پيرن کان محروم ٿيل ٻارڙي نائما خاصخيلي جو حيدرآباد جي اسپتال ۾ آپريشن ڪري مصنوعي پير لڳايا ويا، ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته ٻارڙي ڪجهه ڏينهن ۾ هلڻ ڦرڻ لڳندي ۽ ايندڙ مرحلي ۾ ٻارڙي جا مصنوعي هٿ ۾ لڳايا ويندا.

ڊاڪٽرز جي مبينا غلط علاج سبب هٿن ۽ پيرن کان محروم ٿي ويل ٻارڙي نائمه خاصخيلي جو سڄاڻ عورتن جي سهڪار سان حيدرآباد جي هڪ نجي اسپتال ۾ آپريشن ڪري مصنوعي پير لڳايا ويا.

ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته ٻارڙي نائمه خاصخيلي ڪجهه ڏينهن ۾ آساني سان هلي ڦري سگهندي ۽ ايندڙ مرحلي ۾ ٻارڙي جا مصنوعي هٿ به لڳايا ويندا.

 واضح رهي ته ٻاڙي نائمه کي هڪ سال اڳ بخار سبب پنگريو جي هڪ نجي اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرز پاران غلط علاج سبب ٻارڙي کي ڪراچي منتقل ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ڪپيا ويا.

ڊاڪٽرز جو چوڻ هو ته ٻارڙي نائمه جي رت جو دورو بيهڻ ڪري سندس حياتي کي خطرو هو، جنهن ڪري سندس هٿ ۽ پير ڪپي سندس حياتي بچائي وئي.

وارثن جو چوڻ آهي  ته ٻارڙي جو غلط علاج ڪندڙ نجي اسپتال جي ڊاڪٽر خلاف جاچ ٽيم جوڙي وئي، پر هيل تائين کيس سزا نه ملي سگهي آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*