حيدرآباد جي زبيده گرلس ڪاليج ۾ سي پيڪ جي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪندي مقررين جو چوڻ هو ته پيڪ منصوبي سان پاڪستان خاص طور تي سنڌ جي تقدير تبديل ٿي ويندي

Hyd-girls-Collage-China-Pak-25117

حيدرآباد جي زبيده گرلس ڪاليج ۾ سي پيڪ جي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪندي مقررين جو چوڻ هو ته پيڪ منصوبي سان پاڪستان خاص طور تي سنڌ جي تقدير تبديل ٿي ويندي، موٽروي ۽ ريلوي اپگريڊ پروجيڪٽس سان ڏينهن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿي ويندو.

 گورنمينٽ گرلس زبيده ڪاليج ۾ سيپيڪ بابت ”سنڌ جي لاءِ فائده” جي عنوان هيٺ سيمينار ٿيو،جنهن ۾ پرنسپل پروفيسر سبرين قريشي، ڊائريڪٽر ڪاليجز امام علي مرضا، پروفيسر مبينا اختر  ۽ ٻين  سميت شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

مقرري جو چوڻ هو ته سي پيڪ منصوبي ذريعي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو ايندو، معيشت ۾ بهتري ايندي ۽ مستقبل ۾ نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملندا

هنن چيو ته سي پيڪ منصوبي سان پاڪستان خاص طور سنڌ جي تقدير تبديل ٿي ويندي، موٽروي ۽ ريلوي اپگريڊ پروجيڪٽس سان ڏينهن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿيندو.

مقررين جو چوڻ هو ته سي پيڪ منصوبو پڙهيل لکيل سنڌ واسين جي لاءِ روزگار جا نوان در کوليندو ۽ هن منصوبي سان سنڌ ۾ تمام  گهڻي خوشحالي ايندي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*