گستاخ خاڪن خلاف ڪراچي ۾ مذهبي جماعتن جي احتجاج سبب شهر جي اڪثر علائقن ۾ بدترين ٽريفڪ جام

گستاخ خاڪن خلاف ڪراچي ۾ مذهبي جماعتن جي احتجاج سبب شاهراههِ فيصل، ايم اي جناح روڊ ۽ شهر جي ٻين علائقن ۾ بدترين ٽريفڪ جام آهي ۽ ماڻهو ڪيترن ئي ڪلاڪن کان رستن تي ڦاٿل آهن.

ڪراچي ۾ مذهبي جماعتن جي گستاخ خاڪن خلاف احتجاج سبب شهر جي اڪثر علائقن ۾ بدترين ٽريفڪ جام آهي ۽ ماڻهو مختلف هنڌن تي ڪلاڪن کان وٺي ڦاٿل آهن.

ايم اي جناح روڊ، شاهراهه فيصل، شاهراهه قائدين ۽ ٻين هنڌن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن.

ٽريفڪ پوليس ڪراچي پاران متبادل انتظام نه هجڻ سبب شهر ۾ بدترين ٽريفڪ جام آهي ۽ ماڻهو ڪيترن ئي ڪلاڪن کان منزل تائين پهچڻ جي جستجو ۾ رُڌل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*