ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي کي بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Baldia-Case-23716

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي کي بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، پوليس عدالت ۾ چالان جمع ڪرائيندي چيو ته  رحمان ڀولا حماد صديقي جي چوڻ تي فيڪٽري ۾ باهه ڏني، عدالت پوليس جو چالان منظور ڪندي  رئوف صديقي کي جاچ آفيسر سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

اي ٽي سي ۾ بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

پوليس فيڪٽري سانحي ڪيس جو حتمي چالان عدالت ۾ پيش ڪندي چيو ته رحمان ڀولا حماد صديقي جي چوڻ تي فيڪٽري کي باهه ڏني.

جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته حماد صديقي جي گرفتاري لاءِ انٽر پول کي خط لکيو آهي.

عدالت پوليس جو چالان منظور ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي کي  جاچ  ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي کي جاچ آفيسر سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 14 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*